مير غلام شاهه ٽالپر شهيد

مير غلام شاهه ٽالپر شهيد : شهيد مير غلام شاهه ٽالپر، شاهواڻي ٽالپرن جي خاندان مان مير ڪرم علي خان ٽالپر جو فرزند هو. سترهين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري سندس جنم ٿيو . هي انگريزن خلاف مياڻيءَ جي جنگ ۾ ٽالپرن جي فوج ۾ نائب سپهه سالار هو. ٽالپر فوج جي سپهه سالار مير جان محمد خاناڻي ٽالپر جي شهادت کان پوءِ هن وڏي جوانمرديءَ سان سپهه سالاريءَ جا فرض سرانجام ڏنا. ٽالپرن جو بارود ختم ٿي وڃڻ ڪري 17 فيبروري 1843ع تي مير غلام شاهه ٽالپر بهادريءَ سان ويڙهه ڪندي شهيد ٿيو. روايت آهي ته مير غلام شاهه ٽالپر مياڻيءَ جي جنگ تي وڃڻ وقت پنهنجي معتقد پانڌي خاصخيليءَ کي وصيت ڪئي هئي ته ”خدانخواسته جيڪڏهن آءٌ جنگ ۾ وڙهندي شهيد ٿي وڃان ته منهنجو لاش منهنجي مرشد جي قدمن ۾ لنواري شريف (بدين) ۾ رکجو“ نيٺ هي مرد مجاهد انگريزن سان وڙهندي مياڻيءَ جي جنگ ۾ شهيد ٿي ويو ۽ سرائي پانڌي خاصخيلي مياڻيءَ جي ميدان مان وڏيءَ مهارت ۽ هوشياريءَ سان رات جي پيٽ ۾ مير غلام شاهه شهيد جو لاش لڪائي ڪڍي، ٽنڊي محمد خان کڻائي آيو. لاش امانت طور ٽنڊو محمد خان ۾ بخاري سيد جي قبرستان ۾ دفنايو ويو، تقريبن ڇهن مهينن کان پوءِ جيئن ئي حالتون بهتر ٿيون ته سندس لاش ڪڍي لنواري شريف جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1843.02.17  عيسوي

هن وڏي جوانمرديءَ سان سپهه سالاريءَ جا فرض سرانجام ڏنا. ٽالپرن جو بارود ختم ٿي وڃڻ ڪري 17 فيبروري 1843ع تي مير غلام شاهه ٽالپر بهادريءَ سان ويڙهه ڪندي شهيد ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پئٿاگورس
سورٺ ٿيٻو
بوعلي قلندر شيخ
سليم الزمان صديقي
امام بخاري
پير شاهه ڪوثر
اڪبر حسين راشدي
عبدالقادر بلو
فقير رسول بخش انڙ
شيخ عبدالعزيز قنڌاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون